اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي ادارن ۾ سڌارن جو مينڊيٽ مليو آهي ۽ اهو ئي اسان جي پارٽي جو منشور آهي، پاڪستان ۽ بدعنواني گ?? نه ٿا هلي سگهن، وزيراعظم عمران خان عالمي شهرت رکندڙ شخصيت آهي، ان جي ڀيٽ ڪنهن به صورت ۾ موروثي سياستدانن سان نه ٿي ڪري سگهجي، وزيراعظم معائنه ڪميشن اي جي پي آر جي ذريعي سرڪاري خريداري ۾ ٿيندڙ خرابي کي سڌارڻ جي لاءِ سفارشون جوڙي ورتيون آهن، سرڪاري خريداري جيڪا اي جي پي آر جي ذريعي ٿئي ٿي ان تي ساليانو اربين رپيا اضافي قيمت قوم جي پئسي سان ادا ڪرڻي پوي ٿي، ان بگاڙ کي سڌارينداسين ۽ جيڪو به ذميوار هوندو ان جي خلاف ڪارروائي ٿيندي، جڏهن به احتساب ۽ ادارن ۾ سڌارن جي ڳالهه ٿئي ٿي ته مخالف ڌر پنهنجي سياسي ۽ مالي مفادن جي لاءِ گڏ ٿي وڃي ٿي، ادارن ۾ خرابي پيدا ڪندڙن جو احتساب ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي آءِ ڊي ۾ وزيراعظم معائنه ڪميشن جي چيئرمين احمد يار هراج سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته بدقسمتي سان انهن ادارن کي ڄاڻي واڻي مفلوج ڪيو ويو. هن چيو ته پنهنجي منشور جي پاسداري ڪندي وزيراعظم عمران خان ادارن ۾ سڌارن ۽ ري اسٽرڪچرنگ جي لاءِ قدم کنيا آهن ۽ وزيراعظم جي سموري سياسي جدوجهد انهي جي لاءِ هئي ته ادارن ۾ شفافيت هجي. هن چيو ته پي آءِ اي، نيپرا، پيمرا يا جيترا به ريگيوليٽري جا ادارا آهن انهن جو فعال هجڻ اهميت رکندڙ آهي.
متعلقہ مضامین
-
UK, Pakistan to boost ties in key areas of mutual interest
-
SBBU providing quality education to students of Sindh: VC Public Relation department
-
ویمپائر ایمولیٹ آفیشل انٹرٹینمنٹ ایپ
-
KESC official murder: Widow, son identify co-accused Minhaj Qazi
-
Former finance adviser handed to NAB on 14-day remand
-
Gas pipe laid to overcome pressure
-
IMUs being established in FATA to ensure teacher attendance
-
محجونگ روڈ انٹرٹینمنٹ - آپ کا تفریحی مقام
-
MT آن لائن آفیشل ڈاؤن لوڈ کی مکمل رہنمائی
-
فارچیون خرگوش آفیشل ڈاؤن لوڈ داخلہ کی مکمل گائیڈ
-
ہیل ہاٹ انٹرٹینمنٹ ٹرسٹڈ لنک کی خدمات اور اہمیت
-
ورچوئل اسپورٹس کریڈٹس انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کی دنیا میں خوش آمدید