اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان سرحدي خلاف ورزي تي ايران جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ايران مان پنهنجي سفير کي به واپس گهرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو ته گذريل رات ايران پاران پاڪستان جي خودمختياري جي اشتعال انگيز ۽ کليل خلاف ورزي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جي خلاف ورزي آهي. اهو غيرقانوني عمل مڪمل طور تي ناقابل قبول آهي ۽ ان جو ڪو جواز نه آهي. پاڪستان ان غيرقانوني قدم جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. نتيجن جي ذميواري پوري طرح ايران تي لاڳو هوندي. هن چيو ته اسان اهو پيغام ايراني حڪومت تائين پهچائي ڇڏيو آهي. اسان انهن کي اهو به ٻُڌايو آهي ته پاڪستان ايران مان پنهنجي سفير کي واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ پاڪستان ۾ ايراني سفير جيڪو هن وقت ايران جي دوري تي آهي ان کي چيو ويو آهي ته هو في الحال واپس نه اچي. اسان انهن سمورن اعليٰ سطحي دورن کي پڻ معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪي ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ جاري هئا يا طئي ٿيل هئا. واضح رهي ته ايران پاران ڪيل ان ”غيرقانوني“ فضائي حدن جي خلاف ورزي جي نتيجي ۾ ٻه ٻار مارجي ويا جڏهن ته ٽي ڇوڪريون زخمي ٿيون آهن.
متعلقہ مضامین
-
مصری تھیم سلاٹس: قدیم مصر کی دلچسپ دنیا میں ایک انوکھا تجربہ
-
Top general opens army public school in Swat
-
Missing journalist recovered after two years
-
پروگریسو سلاٹس کے لیے بہترین آن لائن کیسینو کا انتخاب کیسے کریں؟
-
سلاٹ گیمز: دھوکے کی دنیا
-
پاکستانی کرنسی میں آن لائن سلاٹ گیمز: تفریح اور مواقع کا نیا ذریعہ
-
2025 کے لیے بہترین نئی سلاٹ مشین ایپس
-
لاہور میں کھلاڑیوں کے لیے سلاٹس کی اہمیت اور مواقع
-
آن لائن سلاٹس پر کامیابی کے 5 مؤثر طریقے
-
آن لائن سلاٹ پلیئرز گروپ: ایک جدید تفریحی رجحان
-
آن لائن سلاٹ پلیئرز گروپ ڈیجیٹل دور میں کھیلنے کا نیا رجحان
-
بہترین اوڈس سلاٹ گیمز 2023 میں کون سی ہیں؟