اس??ام آباد- 08 ڊسمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلين واري وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ ۽ موسمياتي تبديلين کي نظر ۾ رکندي پائيدا?? ۽ ??احول دوست گهرن جي تع??ير جي حوصلا افزائي لاءِ سازگار پاليسيون جوڙڻ جي ضرورت آهي، تازي ٻوڏ پاڪستان ۾ وڏي تباهي آندي آهي جنهن سان لکين گهر تباهه ٿيا آهن ۽ معيشت کي 1.2 کرب روپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي، ان لاءِ اهو ضروري آهي ته حڪومت ملڪ ۾ ماحول دوست ۽ گرين هائوسز کي هٿي ڏيڻ لاءِ نيون پاليسيون ٺاهڻ تي ڌيان ڏئي ٻوڏ ۽ آبهوا جي تبديلي سبب پيدا ٿيندڙ خطرن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان ۾ شهري آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اهو رجحان برقرار ??هيو ته مستقبل ۾ 60 سيڪڙو آبادي شهري علائقن ۾ رهندڙ هوندي تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته شهرن ۾ بهتر ميونسپل سروسز سان گڏ پائيدار ??ربنائيزيشن کي هٿي ڏني وڃي ته جيئن شهري آبادين تي دٻاءُ گهٽ ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح ڪنوينشن سينٽر اس??ام آباد ۾ منسٽري آف هائوسنگ اينڊ ورڪس ۽ اس??ام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيل پهرين انٽرنيشنل هائوسنگ ايڪسپو جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو، جيڪو 8 کان 11 ڊسمبر 2022ع تائين جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ جاري رهندو. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي اعزازي مهمان طور تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته تع??يراتي صنعت جو معيشت جي ترقي ۾ اهم ڪردار ??هي تنهن ڪري هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ حڪومت نجي شعبي جي مشاورت سان تع??يراتي صنعت جي بهتر ترقي لاءِ وڌيڪ ساز گار پاليسيون جوڙين. هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي سيڪريٽري افتخار ??لي شانواني پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ماڻهن کي سستا گهر فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميداري آهي تنهن ڪري حڪومت نجي شعبي جي تعاون ۾ ان طرف اڳڀرائي ڪرڻ چاهي ٿي. ان موقعي تي آذربائيجان جو سفير خضر فرهادوف، ايٿوپيا جو سفير جمال بيڪر عبدالله، اسپين سفارتخاني جو نمائندو، آءِ سي سي آءِ جي اڳوڻن صدرن، ايگزيڪيٽو ميمبرن، نمائش ڪندڙ ۽ بزنس ڪميونٽي جو هڪ و??و انگ موجود هو.
متعلقہ مضامین
-
15TH AUGUST: BLACK DAY: THE UNMASKING OF INDIA’S TRUE & SINISTER FACE
-
Nawaz vows to foil attempts aimed at creating ‘artificial political crisis’
-
President Zardari to address joint session today
-
لاٹری سٹی قابل اعتماد ویب سائٹ
-
سلاٹ مشین ہانیسٹ انٹرٹینمنٹ ایپ
-
Shandoor polo festival to start from July 15
-
World Bank lauds BISP’s progress for achievement of goals
-
Pakistan gives befitting response to Indias unprovoked shelling
-
Raheel Sharif briefed on prevailing situation at LoC
-
Pakistani parliament addressed by 17 foreign dignitaries so far
-
PMDC restores registrar accused of mega-corruption
-
Imran trying to provincialize CPEC for political gains