اسلام آباد-18 جولاءِ (ا?? پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد بي آءِ ايس پي ??ي حقدار عورتن ۽ سندن ڪٽنبن لاءِ عالمي معيار موجب هنرمنداڻو تربيتي پروگرام متعارف ڪرائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. انساني ۽ سماجي ترقي جي ڊاڪٽر صوفيه شڪيل جي سربراهي ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي هڪ وفد سان ملاقات دوران سينيٽر روبينه خالد ان ڳالهه تي زور ڀريو ته انهن قدمن جو مقصد حقدار خاندانن جي غربت ختم ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ آهي، ??و فعال شهري جي ح??ثي?? سان قومي معيشت ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن. ڪالهه بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي هيڊڪوارٽر ۾ ٿيل ملاقات ۾ اي ڊي بي طرفان شن لونگ کي مشن ليڊر/پرنسپل سوشل پروٽيڪشن اسپيشلسٽ ۽ عمر بن ضيا سينئر سوشل پروٽيڪشن آفيسر به موجود هئا. سينيٽر روبينه خالد انساني وسيلن جي ترقي جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته پرڏيهي ملڪن ۾ ضرورت وارا ڪورسز جهڙوڪ هيلٿ ڪيئر ۽ مهمانوازي جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته حقدارن کي انهن مهارتن سان همڪنار ڪرڻ سان کين پرڏيهه ۾ روزگار جا بهتر موقعا ملي سگهندا جنهن سان انهن جي معاشي حالتن ۾ بهتري ايندي. صوفيه شڪيل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي متحرڪ ۽ اداره جاتي ميڪنزم جي واکاڻ ڪندي اسڪل ڊولپمينٽ جي اهميت کي تسليم ڪيو. هن سپلائي سائيڊ تي مدد لاءِ اي ڊي بي جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ خاص ڪري صوبائي سطح تي تعليم، صحت ۽ غذائيت جي حوالي سان بي آءِ ايس پي ??ان تعاون وڌائڻ جي اميد ظاهر ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Punjab enforces ban on private tutoring by government teachers
-
UK-funded climate monitoring tower launched in Chakwal
-
9 civilians martyred, 16 injured as security forces foil Bannu Cantt attack
-
Pakistan, Netherlands discuss human rights, bilateral cooperation
-
SHC clubs pleas against amendments to town planning regulations
-
Fuel truck explosion in Noshki leaves over 40 injured
-
Cop among two shot dead over property dispute in Bannu
-
US, Saudi sanction alleged Lashkar-e-Taiba followers
-
Pakistani, Indian foreign secretaries likely to meet in New Dehli tomorrow
-
3 dead, 4 injured as gunmen attack house in Balochistan
-
Brexit: No negative impact on Pakistan exports to UK under GSP+
-
JI stages protests over violence in IHK